مشن ورلڊ ڪپ: پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ سريلنڪا جو دورو ڪندو، شيڊيول پڌرو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ گرين شرٽس جي سريلنڪا دوري جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
پي سي بي موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جنوري ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ سريلنڪا جو دورو ڪندي.
سيريز جون ٽي ميچون ڊمبولا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 7، 9 ۽ 11 جنوري تي کيڏيون وينديون.
واضح رهي ته اهو دورو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي تياري لاءِ اهم آهي، عالمي ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين کيڏيو ويندو.
پاڪستاني ٽيم ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پنهنجون ميچون ڪولمبو ۾ کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.