نوَ مئي ڪيس: عمر ايوب، زرتاج گل ۽ شبلي فراز سميت پي ٽي آءِ جا 18 اڳواڻ اشتهاري قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوَ مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 18 غير حاضر جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان اشتهاري قرار ڏنل جوابدارن ۾ شبلي فراز، عمر ايوب، ڪنول شوذب، شيخ راشد شفيق ۽ زرتاج گل شامل آهن.
ان کانسواءِ مهر جاويد، محمد احمد چٺا، راءِ حسن نواز، بلال اعجاز، مرتضيٰ خان، اشرف سوهنا، چوڌري آصف، شڪيل نيازي، محمد انصر اقبال، حيدر محمود، شاهير سڪندر ۽ حمزا لطيف کي به اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي.
عدالت سمورن جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڇڏيا، جڏهن ته ان سلسلي ۾ جوابدارن جي لاڳاپيل ضلعي جي ريونيو آفيسرن کي به آرڊر جاري ڪيا ويا آهن.
عدالت ريونيو آفيسرن کي جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جوابدارن مقرر تاريخ اندر عدالت آڏو سرنڊر نه ڪيو ته سندن ملڪيت نيلام ڪئي ويندي، عدالت جوابدارن جي ضامنن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.