بنون: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر سميت چار ڄڻا شهيد

بنون(ويب ڊيسڪ) بنون ۾ هٿياربندن جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
پوليس موجب بنون ۾ ميران شاهه روڊ وٽ اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ذريعن موجب، واقعي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي، هٿياربندن گاڏي کي باهه ڏئي زخمي اهلڪارن کان هٿيار کسي فرار ٿي ويا.
اطلاع ملندي ئي پوليس جي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شاهدن کان بيان وٺي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
ٻئي پاسي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي بنون ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي شهيد اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ 2 پوليس اهلڪارن سميت 4 ماڻهن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ آءِ جي پوليس کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
هن زخمين کي ترت ۽ بهترين طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي
سهيل آفريدي پنهنجي بيان ۾ چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، ملڪ دشمن عنصرن اهڙن بزدلاڻن حملن سان اسان جا حوصلا پست نٿا ڪري سگهن.
هن چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انجام تائين پهچايو ويندو، دهشتگردي خلاف جنگ وڌيڪ مضبوط عزم سان جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.