لاهور (بيورو) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان چيو آهي ته مقامي حڪومتن کان سواءِ بنيادي مسئلا حل نٿا ٿي سگهن ۽ اهڙي حالت ۾ رياست ڪمزور ٿيندي، اسپيڪر موجب اسيمبلي ۾ سڀني پارٽين جي جاندار نمائندگي موجود آهي ۽ ڪنهن به اسيمبلي ميمبر مقامي حڪومتن جي مخالفت نه ڪئي آهي، جيڪڏهن مقامي حڪومتن کي اختيارات منتقل نه ڪيا ويا ته رياست ڪمزور ٿي ويندي، ڇو ته اختيارات ورهائڻ سان ئي طاقت وڌندي آهي، ملڪ احمد خان چيو ته جڏهن تائين اختيارات هيٺين سطح تائين نه پهچندا، رياست ۽ شهرين جي وچ ۾ معاهدو ڪمزور رهندو، ڳوٺاڻن ماڻهن کي صاف پاڻي، پڪي رستا ۽ بهتر انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي، جيستائين مقامي حڪومتون فعال نه ٿينديون، بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهندا، جيئن وفاق ۽ صوبي جي اهميت آهي، تيئن مقامي حڪومتن جو ڪردار به انتهائي اهم آهي.