ڪراچي (رپورٽر) لمس ۽ ڊائو جو اڳوڻو پرنسپل، اڳوڻو هيلٿ سيڪريٽري ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ايم اي عالماڻي گهري ۾ ڪري پيو، کيس سائوٿ سٽي اسپتال داخل ڪيوويو، رپورٽن موجب ايم اي عالماڻي کي وينٽيليٽر تي رکيوويو، ان انپوءِ وينٽيليٽر تان هٽائي کيس آءِ سي يو ۾ آندو ويو، اڄ سندس سي ٽي اسڪين ڪري وڌيڪ علاج جو فيصلو ڪيو ويندو.
-
ارمغان جي پيءُ خلاف ڪيسن ۾ شاهدن جي غيرحاضري، عدالت طرفان ڪاوڙ
ڪراچي(رپورٽر) مقامي عدالت مصطفي’ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جي پيءُ ڪامران قريشي خلاف ٻن ڪيس ۾ شاهدن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت پراسيڪيوشن جي شاهدن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جيل انتظاميه پاران ڪامران قريشي کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.