هڪ نوٽيفڪيشن تي وڏو بحث ڪندڙ پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ؟

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)27نومبر گذرڻ باوجود سي ڊي ايف جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ سبب سرڪاري عمل ۾ دير، ۽ ان جي آئيني اثرن بابت سوال پيدا ٿي ويا آهن، قانوني ماهرن جي هڪ راءِ آهي ته نئون نوٽيفڪيشن نه ٿيڻ جي صورت ۾ آرمي چيِف جي مدتِ ملازمت پاڻمرادو ختم تصور ٿي سگهي ٿي۔پر 2024 ۾ آرمي ايڪٽجي ترميم سان سروس چيِفس جي مدت پنج سال مقرر ڪئي وئي هئي، جيڪا اهڙيءَ طرح لاڳو ٿيندي ڄڻ قانون هميشه کان اهڙو هو،انهيءَ ڪري نئين نوٽيفڪيشن جي ضرورت نه رهندي آهي،قانوني ماهرن جو خيال آهي ته ڇاڪاڻ⁠ ته سي ڊي ايف هڪ نئون عهدو آهي، تنهنڪري ان لاءِ باقاعده نوٽيفڪيشن لازمي آهي۔صحافي سلمان مسعود لکيو ته وزير دفاع جي ٽوئيٽ دير سان آئي، حڪومت جي خاموشي اڳ ۾ ئي سازشي نظرين کي جنم ڏنو، صحافي فهد حسين لکيو ته حڪومت هن نوٽيفڪيشن واري معاملي کي خراب طريقي سان هينڊل ڪيو، پلڊاٽ سربراهه احمد بلال محبوب چيو ته 26هين ترميم آرمي چيِف جي مدتِ ملازمت 2027 تائين اڳ ئي وڌائي چڪي آهي، تنهنڪري نئين نوٽيفڪيشن جي ضرورت ناهي۔صحافي سيريئل المائده چيو ته نوٽيفڪيشن نه ٿيڻ جو مطلب آهي ڪٿي نه ڪٿي ڪو مسئلو ضرور آهيمباقر سجاد لکي ڇڏيو ته صاف ظاهر آهي ڪٿي ڪو شخص ترازو ۽ ڇُري کڻي بيٺو آهي ۽ پنهنجو حق گهري رهيو آهي، نه ته ٽيڪنيڪي مسئلا خاموشيءَ سان حل ڪري ڇڏبا آهن۔پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ اسد عمر لکيو ته ڪهڙو ملڪ آهي جتي سڀ کان وڏو بحث هڪ سرڪاري ملازم جي نوٽيفڪيشن بابت آهي، ڄڻ قوم جو مستقبل انهيءَ تي دارومدار رکندڙ هجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.