پشاور(م ڊ) ڪي پي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علی ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ متفقه طور تي منظور ڪئي آهي. خيبرپختونخوااسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي پارليماني ليڊر احمد ڪنڊيِ هڪ قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي، جمهوري ۽ قومي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ٺهراءُ ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀٽو کي سرڪاري سطح تي قومي شهيد جو درجو ڏنو وڃي. ان کان علاوه، ٺهراءُ جو هڪ نقل وفاقي حڪومت کي پڻ ارسال ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.خيبرپختونخوا اسمبلی ۾ هي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي آهي.