ڳڙهي ياسين (رپورٽ: حبيب الله ڪمبوھ) ڳڙهي ياسين ڀرسان جتوئي ۽ بروهي برادري جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ سينيئر وڪيل ۽ سندس ڀائيٽيو قتل ٿي ويا، نوشهرو ابڙو روڊ سئي گئس ويجهو جتوئي ۽ بروهي برادريءَ ۾ هلندڙ پراڻي زميني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر خونريزي جو روپ اختيار ڪري ورتو، جنهن دوران ڪورٽ کان واپسيءَ تي مخالف هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ وڪيل علي حسن بروهي ۽ نظير احمد بروهي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آندو ۽ لاشن کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي جو ڪارڻ زميني پراڻو تڪرار آهي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، رهواسين جو چوڻ آهي ته ٻنهي برادرين ۾ امن جو ڪو به مستقل حل نه نڪرڻ سبب وقت بوقت اهڙا جهيڙا سامهون ايندا رهن ٿا، انتظاميا تڪرار جو مستقل حل ڪڍڻ لاءِ قدم کڻي جيئن وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصانن کان بچي سگهجي.