ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي شهر جي کليل گٽر ۾ هڪ ٻارڙي جي ڪرڻ جو واقعو ٿيو هو ۽ گذريل رات وري ڪراچي ۾ هڪ ٻار جي کليل گٽر ڪرڻ ۽ معصوم حياتي وڃائڻ جو واقعو ٿيو آهي. اهڙن واقعن جي درد، تڪليف ۽ المئي کي هڪ ته والدين محسوس ڪري سگهن ٿا جن تي اهڙا واقعا قيامت بڻجي برپا ٿين ٿا، ٻيا رت جا رشتا مٽ مائٽ هوندا جيڪي صدمن ۾ چُور هوندا ۽ ٽيان اهي دردمند ۽ حساس انسان هوندا جيڪي ٻئي جي درد، تڪليف ۽ المئي کي محسوس ڪري سگهندا هوندا. باقي اسان جا حڪمران جيڪي اهڙن واقعن جا سڌو يا اڻسڌو ذميوار آهن سي انهن واقعن تي اهڙو درد، تڪليف ۽ قيامت محسوس ڪن ٿا يا نه، ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته سندن روين مان ته گهٽ ۾ گهٽ ايئن محسوس نٿو ٿئي
جڏهن ته حقيقت ۾ اهڙن واقعن تي سڀ کان وڌيڪ درد، تڪليف ۽ قيامت حڪمرانن کي ئي محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ نه رڳو محسوس ڪرڻ گهرجي پر عملي طور کين گٽرن ۾ ڪرندڙ ٻارن جي واقعن کي روڪڻ جو فوري انتظام به ڪرڻ گهرجي جو عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي پهرين ۽ آخري ذميواري حڪومت جي ئي هوندي آهي پر افسوس ته اڄ جون حڪومتون پنهنجي اها بنيادي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي نه رڳو ناڪام رهيون آهن پر ان کان به وڏي ڳالهه ته کين ان ناڪامي جو ڪو ارمان به ناهي ٿيندو ۽ نه ئي ان ذميواري کي هر قيمت تي پورو ڪرڻ جي چئلنج قبول ڪن ٿيون. حڪمرانن جي اهڙي روش کليل گٽرن ۾ ڪرندڙ ٻارن جي واقعن ۾ به واضح طور نظر ايندي آهي. نه ته جيڪر ڪا درد مند ۽ حساس حڪومت وري اهڙو واقعو ٿيڻ ئي نه ڏي. يعني هڪ اهڙي واقعي کي ڏسڻ کان پوءِ فوري طور تي شهرن جي سڀني کليل گٽرن تي ڍڪ رکرائي ڇڏي پر اسان وٽ الائي ڇو حڪومتن لاءِ اهو ڪم ڪرڻ به ناممڪنات جي حد تائين ڏکيو لڳندو آهي جيڪو اصل ۾ ڏکيو آهي ئي نه پر اهڙا ڪم تڏهن ئي ممڪن آهن جڏهن ڪا به حڪومت اهڙن واقعن ٿيڻ تي پريشان ٿئي، تڪليف محسوس ڪري ۽ پاڻ کي ذميوار سمجهي.
حقيقت ته اها به آهي ته حڪومت جي ان نااهلي ۽ بدانتظامي ڪري ئي سنڌ ۾ ٻئي صوبي جو آواز اٿندو رهندو آهي يا ايئن چئجي ته سنڌ دشمنن کي ٻئي صوبي جو آواز اٿارڻ جو موقعو ملي ٿو. پر جيڪڏهن پ پ جي سنڌ حڪومت گڊ گورننس جو مظاهرو ڪري ته جيڪر سنڌ ۾ بهتر انتظام جي متبادل تي سوچڻ جي ضرورت ئي نه ٿئي. سو ان حوالي سان ڏسجي ته بدانتظامي رڳو پ پ جي سنڌ حڪومت جي نااهلي کي ئي ظاهر نه ٿي ڪري پر سندس مخالفن کي سياست ڪرڻ جو به بهترين موقعو ملي وڃي ٿو. هونئن به ڏسجي ته جڏهن پ پ کي ڪراچي ۾ ورهين کان پوءِ ميئر شپ ملي آهي ته پ پ جي حڪومت کي بجاءِ ان جي ته ڪراچي جا انتظامي مسئلا حل ڪري پاڻ کي ان ميئرشپ جو اهل ثابت ڪري ها ۽ يادگار ڪارڪردگي ڏيکاري پنهنجن مخالفن کي به لاجواب ڪري ها ۽ ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ وڌائي ها پر ان پنهنجي خراب ڪارڪردگي سان ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر کي به سنڌ جي ننڍن شهرن جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي ڪراچي ۾ به گٽرن جو گندو ۽ ڌپارو پاڻي روڊن تي تلاءُ بڻجي بيٺل نظر اچي ٿو، روڊ اڪثريتي طور تي ڀڳل ٽٽل ملن ٿا ۽ شهرن ۾ گٽرن جا منهن حيرت انگيز طور تي کليل ملن ٿا جنهن ۾ ٻارن جي ڪرڻ جا باوجود معمول موجب اهڙا واقعا ٿيڻ لڳا آهن پر حڪومت کان اهو به نٿو پڄي جو کليل گٽرن تي ڍڪ ڏيارڻ جو فوري انتظام ڪري سگهي جنهن نتيجي ۾ ڪراچي ۾ پ پ جي سڀ کان وڏي حريف جماعت ايم ڪيم ايم کي سنڌ دشمن سياست ڪرڻ جو موقعو ملي ويو آهي. ۽ هاڻي اها هر مسئلي جو حل ڪراچي ۾ ٻئي صوبي کي سمجهي ٿي.
ان سياست جي روشني ۾ ڏسڻ اهو به گهرجي ته ڇا واقعي به سنڌ حڪومت کليل گٽرن تي ڍڪڻ ڏيڻ ۾ انتظامي طور تي ناڪام وئي آهي يا گٽرن جا ڍڪ لاهڻ جي ڪا سازش ٿي رهي آهي؟ ٻيو اهو ته مڪاني چونڊن کان پوءِ ڪراچي جا ڪجهه علائقا مختلف سياسي جماعتن ۾ ورهايل به آهن. جيئن گذريل رات کليل گٽر ۾ ڪريل ٻار جو واقعو بقول ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي ته جماعت اسلامي جي مڪاني حد ۾ ٿيو آهي ته سڌي سنئين ته جماعت اسلامي ذميوار سمجهي ويندي جيڪڏهن اها حقيقت آهي، پر پوءِ به آخري ذميواري پ پ جي سنڌ حڪومت جي آهي ته اها مڪاني ادارن ۽ ان جي مجموعي ڪارڪردگي تي نظر رکي خاص ڪري ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي مڪاني ادارن جي ميئر هئڻ ناتي آخري ذميواري نه رڳو کڻڻ گهرجي پر ڪراچي جي سڀني کليل گٽرن تي ڍڪڻ ڏيارڻ جو فوري انتظام به ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت ۽ مڪاني ادارن طرفان کليل گٽرن تي ڍڪڻ لڳائڻ ايڏو مسئلو آهي ته پوءِ ان تي کلي ئي سگهجي ٿو ته اها ڀلا ڪهڙي حڪومت جنهن کان کليل گٽرن جا ڍڪ لڳائڻ به نه پڄندو هجي.
ان مجموعي صورتحال کي ڏسندي اسان هن ئي ايڊيٽوريل ۾ اها تجويز ڏيندا رهيا آهيون ته مڪاني نظام کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ اختيار توڙي مالي وسيلا مڪاني ادارن ڏانهن به منتقل ڪيا وڃن ايئن جيئن اسان وفاق تي زور ڏيندا آهيون ته پنهنجا وسيلا ۽ اختيار صوبن کي منتقل ڪري تيئن صوبن کي به گهرجي ته اهي پنهنجا وسيلا ۽ اختيار ضلعي انتظاميا ڏانهن منتقل ڪن ته جيئن هيٺين سطح تي عوامي مسئلا وقت سر حل ٿي سگهن. خاص طور تي ضلعي انتظاميا کي فنڊن جي اڻاٺ جي شڪايت هوندي آهي پر پوءِ به اسان کي يقين آهي ته کين ايتري ته بجيٽ ضرور هوندي جو اهي کليل گٽرن جا منهن بند ڪري سگهن، سو ضرورت ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي آهي ٻيو ڪو مسئلو ناهي.