سنڌ مزاحمت جي ڌرتي آھي، شھيد الله بخش سومرو ورهاڱي جي خلاف هو\ڊاڪٽر اشتياق احمد

 حيدرآباد (رپورٽر)  نامياري تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق احمد   چيو آھي  ته سنڌ سدائين مزاحمت جي ڌرتي رھي آھي ، انگريز 43 تائين ھندستان کي آزاد ڪرڻ نه پئي گھريو پر ٻي عالمگير جنگ ڪري حالتون اھڙيون ٿيون جو کين ھندستان ٻن ٽڪرن ۾ ورھائڻو پئجي ويو  ،شھيد  الله بخش سومرو ۽  مولانا عبدالڪلام آزاد  گڏيل ھندستان جي ورھاڱي جي خلاف ھئا  ھندستان اندر ٻيو نيريٽو به موجود ھو ۽ ان وقت جي    سگھاري سياسي قيادت برصغير جو ورھاڱو نه پئي چاھيو ، شھيد الله بخش سومري تي گھڻ رخي تحقيق ٿيڻ گھرجي منھنجي نظر ۾ الله بخش سومرو خان غفار خان جي پايي جو اڳواڻ ھو  اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڪالهھ حيدرآباد روشن خيال فورم جي ميزباني ھيٺ   حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌ جو وزيراعظم الله بخش سومرو جي موضوع ھيٺ ٿيل فڪري ويھڪ ۾ ڳالھائيندي ڪيو ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته  ورھايو ۽ حڪومت ڪيو  ذريعي  انگريزين ھندستان مٿان  وڌيڪ سو سال حڪومت ڪرڻ پئي گھري ھن چيو ته برطانيا جي دور حڪومت ۾ ھندستان ۾ ڪميونسٽن کي ڪچليو ويو ۽ انگريز مخالف ڀڳت سنگهھ کي ڦاھي چاڙھيو ويو  صوفي ازم جي جاءِ تي  ھٿ سان پيري مريدي کي ھٿي ڏني وئي ھن چيو ته جڏھن انگريزن جو سوين سالن تائين حڪمراني جو خواب پورو نه ٿيو ته ھندستان جو ورھاڱو ڪيو ويو ، ھن چيو ته ٻي عالمگير جنگ جا ھندستان تي به اثر پيا جنھن جا عڪس اڄ جي حالتن تي به پئجي رھيا آھن. ھن چيو ته الله بخش سومري پنھنجن تقريرن ۾ برصغير ۾ ھندو مسلم اتحاد جي ڳالهھ ڪئي ھئي ورھاڱي واري صورتحال کان پوءِ ڪجھ چئي نه ٿو سگھجي ته ھو جيئرو ھجي ھا ته 1947 ۾ سنڌ جي عليحدگي جي ڳالھ ڪري به ھا يا نه؟ ھن چيو ته انگريزن وٽ ھڪ نه ھڪ کان وڌيڪ منصوبا ھئا  ھو اي ، بي سي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا ھئا ھن چيو ته ورھاڱي وقت ھٿ سان تشدد کي هٿي ڏني وئي ۽  ڌرتي رت سان رڱجي وئي  شھادتون ملن ٿيون ته مسلم ليگ به ان رت جي راند ۾ شامل ھئي فڪري ويھڪ ۾ حرف جي اڳواڻ حميد سومري ۽ نامياري صحافي لالا رحمان سمون آيل مھمانن جي آجيان ڪئي جڏھن ته اديبن ليکڪن شرڪت ڪئي ۽ سوالن جوابن جو سيشن پڻ ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.