ڪراچي(رپورٽر)وڪيل اڳواڻ صلاح الدين ايڊووڪيٽ چيو آهي ته حسيب جمالِي گذريل سال سرفراز ميتلو کان 7۰۰ ووٽن سان هارائي ويو هو، هن دفعي سندن چونڊي منشور بلڪل سادو هو” 26 هين ۽ 27 ترميم نامنظور“۽ سنڌ جي وڪيلن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ۾، ۽ گرانٽس ۽ پلاٽن جا وعدا به هجڻ باوجود، هن کي هاءِ ڪورٽ بار جو صدر چونڊي ڇڏيو،پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وڪيل سلمان اڪرم راجا ٽوئيٽ ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي باشعور وڪيلن کي سلام. هن اونداهي دور ۾ جبر ۽ ڪوڙ جي نظام جي حمايت ڪندڙ ٽولي کي تاريخي شڪست هر انسان دوست، محبِ وطن پاڪستاني لاءِ هي پيغام ڏئي ٿي،اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي گڏيل اميدوار جي شڪست انتهائي خوش آئند آهي، حسيب جمالي کي صدر بڻجڻ تي واڌايون!!