راولپنڊي(عوامي آواز رپورٽ)پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪ–افغان سرحدي علائقن ۾ هڪ تمام مضبوط سياسي–دهشتگردي–جرم ) پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائيم) جو ڳانڍاپو موجود آهي، ۽ خيبر ۽ وادي تيرا ۾ ڪا به مؤثر انتظاميه موجود ناهي،آءِ ايس پي آر مطابق 25 نومبر تي ڊي جي آءِ ايس پي آر سينيئر صحافين سان قومي سلامتي جي معاملن تي تفصيلي گفتگو ڪئي۔گفتگو دوران ترجمان چيو ته پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ سياسي–دهشتگردي جو ڳٺ جوڙ جو وڏو منظم نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيو آهي، خيبر ۽ تيرا وادي ۾ انتظاميه جو عملي طور تي وجود ئي ناهي،نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون به هن ئي نيٽ ورڪ جو حصو آهن، جيڪي خودڪش حملن ۾ استعمال ٿين ٿيون،هن چيو ته بارڊر مينيجمينٽ بابت سيڪيورٽي ادارن خلاف گمراه ڪن پروپيگنڊا ڪيو وڃي ٿو، سرحد تي چوڪين جو فاصلو ڪيتري ايراضي ۾ 20 کان 25 ڪلوميٽر تائين آهي، جنهن سبب مسلسل نگراني ۽ ڪنٽرول وڏو چيلنج آهي،هن چيو ته طالبان رجيم جي اها دعويٰ، ته ٽي ٽي پي جا ماڻهو لڏي آيا آهن ۽ “مهمان” آهن، غير منطقي آهي. جيڪڏهن اهي پاڪستاني آهن ته پوءِ کين اسان حوالي ڪيو وڃي،هن ته اهي ڪهڙا مهمان آهن، جيڪي هٿياربند ٿي پاڪستان ۾ داخل ٿين ٿا ۽ دهشتگردي ڪن ٿا؟ آمريڪا ۽ نيٽو افغانستان ڇڏيندي 7 ارب 20 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جا هٿيار اُتي ڇڏي ويا، ۽ اهو ئي اسلحـو هاڻ دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيو آهي۔ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جا مرڪز ۽ سندن قيادت موجود آهي. افغانستان کان دوحه معاهدي بابت پاڪستان جو مؤقف بلڪل واضح آهي—افغان طالبان دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪرڻ بند ڪن۔هن چيو ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏيـون خودڪش حملن ۾ استعمال ٿين ٿيون. جڏهن لکين غير قانوني گاڏيون صوبي ۾ گھمنديون هجن ته پوءِ کين روڪڻ ڪهڙي جي ذميواري آهي؟ دهشتگرد ٺهيلون، اسمگلنگ ۽ غيرقانوني واپار کي روڪڻ به ڪنهن نه ڪنهن جي ذميواري آهي۔ ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته هن سال مجموعي طور 1,873 دهشتگرد ماريا ويا، جن ۾ 136 افغان شامل آهن۔ . هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن سال 67,023 انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا—خيبرپختونخوا ۾ 12,857 ۽ بلوچستان ۾ 53,309 آپريشن،هن چيو ته موجوده حالتن ۾ خيبرپختونخوا ۾ آمد و رفت ڪنٽرول ڪرڻ وڏو چيلنج آهي۔ دنيا ۾ بارڊر مينيجمينٽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ذميواري هوندي آهي، پر طالبان انتظاميه دهشتگردن جي سرپرستي ۽ سهولتڪاري ڪري رهي آهي۔هن چيو ته ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ پڻ وڏي غيرقانوني سرگرمي آهي، پر تازين ڪارروائين کان پوءِ ان ۾ گهٽتائي آئي آهي۔ترجمان چيو ته القاعده، داعش ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جون قيادتون افغانستان ۾ موجود آهن، جتان سندن فنڊنگ ۽ اسلحـو ٿئي ٿو، ۽ اهو سڀ پاڪستان خلاف استعمال ٿئي ٿو،پاڪستان افغانستان کي سڀ ثبوت ڏئي چڪو آهي ۽ گهري ٿو ته هڪ قابلِ تصديق ميڪينزم سان معاهدو ڪيو وڃي۔ جيڪڏهن ٽين ڌر به اهو ميڪينزم سنڀالي، پاڪستان کي اعتراض نه هوندو۔ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارتي آرمي چيف جو آپريشن سندور کي ‘ٽريلر’ سڏڻ پاڻ کي فريب ڏيڻ برابر آهي،7جهازن جي تباهي،هٿيارن جي ڊپو ۽ دفاعي نظام S-400 جو خاتمو، انهن لاءِ ’هارر مووي‘ بڻجي چڪو آهي۔