جيڪب آباد (ڊ ر) پوليس اسٽيشن پنھور سنھڙي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مقدم بلند خان نندواڻي زخمي سندس پٽ شبير احمد نندواڻي قتل ٿي ويو، پوليس اسٽيشن پنھور سنھڙي جي حد ۾ ڳوٺ محمد رمضان جکراڻي جي آمھون سامھون نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ مقدم بلند خان نندواڻي زخمي ۽ شبير احمد نندواڻي قتل ٿي ويو، مقتول جي وارثن موجب ھي واقعو ڪارو ڪاري جي سبب پيش آيو آهي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي سرڪاري اسپتال صحبت پور پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ته زخمي کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو وڌيڪ حد جي پوليس جاچ ڪري رهي آهي.