ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سڀاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي بنياد واري ڏينھن کي 58 سال مڪمل ٿي رھيا آھن، اُن موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران پوري ملڪ ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، يوم تاسيس جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پاران تقريبون منعقد ڪيون وينديون ۽ ڪيڪ ڪاٽيا ويندا، مرڪزي تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ھن چيو تھ دُنيا ۾ ڪا بھ سياسي پارٽي 21 لک گھر تعمير نھ پئي ڪري، ٿرڪول سان ملڪ ۾ سڀني کان سستي بجلي فراھم ڪئي پئي وڃي، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ عظميٰ بخاري کي گذارش ڪندس تھ جنھن طريقي سان اوھان اقتدار ۾ آيا آھيو اھو اوھان کي قبول پوي، چيئرمين بلاول ڀٽو ان انداز سان ڪڏھن بھ اقتدار ۾ نھ ايندو. چيئرمين بلاول ڀٽو عوام جي حمايت ۽ عوام جي مينڊيٽ سان وزير اعظم ٿيندو، اوھان وانگر اقتدار ۾ نھ ايندو. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ گورنر جي تبديلي وفاقي حڪومت جو اختيار آھي، اُن لاءِ اھو چوڻ مشڪل آھي تھ ڪنھن جي شيرواني تيار ٿي رھي آھي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ پي ٽي آءِ جي باني کي جيل ۾ سموريون سھولتون ميسر آھن، مٿس ڪوبھ تشدد نھ پيو ٿئي، ڪراچي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي ھن چيو تھ ملڪ ۾ ھڪ وقت اھڙو بھ ھو جڏھن ڪراچي دُبئي کان گھڻو اڳتي ھو، پر پوءِ شھ رکي رٿابندي سان الطاف حسين نالي شخص جي حوالي ڪيو ويو، جنھن سان ھتي ھيروئن ڪلچر، ڀتا ڪلچر ۽ ٻوري بند لاشن جو دور آيو، ھاڻي ڪراچي ۾ سموريون سھولتون ميسر آھن،