فوجي قيادت ۾ وڏين تبديلين جو جلد نوٽيفڪيشن اچڻ جو امڪان

لاهور (شڪيل ملڪ) پاڪستان جي فوجي قيادت ۾ وڏين تبديلين ۽ مقررين جي حوالي سان ذريعن موجب، چيف آف ڊفينس فورسز جي نئين عهدي جو باضابطه نوٽيفڪيشن ڪنهن به وقت جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي نئين وڌايل ذميدارين جي ڪري فوج ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو امڪان آهي.  ذريعن موجب، ٽن سينئر ميجر جنرلن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ ۽ هڪ نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو پڻ جلد ئي ٿي سگهي ٿو. موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ، ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ، مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ هو ايندڙ  حڪمن تائين ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته کيس قومي سلامتي ڪائونسل جي صلاحڪار طور برقرار رکيو وڃي ڇو ته هو ٻين کان سينيئر آهي.  ساڳئي ريت، هڪ نئين فور اسٽار پوسٽ، ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي مقرري پڻ جلد ڪئي ويندي، جنهن لاءِ سڀ کان سينئر ٽي اسٽار جنرلن جا نالا غور هيٺ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.