ڪراچي صوبو بڻيو ته دبئي سان مقابلو ڪندو:ميان عامر محمود

ڪراچي (رپورٽر) دنيا ميڊيا گروپ جي چيئرمين ميان عامر محمود چيو ته پاڪستان ۾ صوبن جو خاڪو تڪڙ ۾ تيار ڪيو  ويو، هاڻي ان ۾ وڌيڪ صوبا هجڻ اڻٽر آهن.  اميجن پاڪستان 2030 جي تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ميان عامر محمود چيو ته پاڪستان هن وقت انصاف، تعليم ۽ صحت جي نظام ۾ پوئتي آهي. پاڪستان ۾ 33 صوبن جي گنجائش آهي، سپريم ڪورٽ کان سٽي ڪورٽ تائين عدالتي نظام واڌو بار سان دٻيل آهي. مئين عامر محمود چيو ته پاڪستان ۾ وچولي طبقي کي موقعو نه ٿو ملي، سياسي نظام ۾ خانداني سياست راڄ ڪري ٿي. پاڪستان ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ايندي ته سوچن ۽ جذبن کي ڌار رکڻو پوندو. 3 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ قومي ڪنوينشن ۾ اميجن پاڪستان جو ويزن پيش ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ نوان صوبا ٺاهڻ گهرجن، هر ڪنهن کي ان تي بحث ڪرڻ جو حق آهي، ڪراچي جا ماڻهو چاهين ٿا ته صوبو هجي، اندرونِ سنڌ جا ماڻهو چون ٿا ته اهو نه هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪراچي صوبو بڻجي ويو ته دبئي هڪ وڏي طاقت وانگر هوندو، سياسي اشرافيا ڪڏهن به نه چاهيندي ته مقامي حڪومتي نظام ترقي ڪري يا اڳتي وڌي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.