دائو جهانپور/ڳڙهي خيرو (نمائندا) دوداپور ويجهو ڪارنهن جي الزام ۾ ٻٽي قتل جو واقعو پيش آيو. پوليس موجب، غلام قادر بٿياڻي پنهنجي ساٿين سان گڏ ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ فاضل بليدي وٽ نوجوان الله بخش بٿياڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ ڳڙهي خيرو ٿاڻي جي حد جاڙا واهه واري علائقي سيف الله شاخ لڳ گهر پنھنجا ۾ گهر وڃي پنهنجي زال دربخت بٿياڻي کي به قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي، پوليس ٻنهي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتي رسمي ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا. پوليس موجب، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.