17هين گريڊ کان مٿي جي آفيسرن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ لازمي

اسلام آباد(بيورو)وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو اهم شرط پورو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي سرڪاري آفيسرن لاءِ اثاثا ظاهر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري  ڇڏيو آهي۔ايف بي آر، انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي سيڪشن 237 جي ذيلي شيڊول (1) تحت حاصل اختيارن کي استعمال ڪندي، شيئرنگ آف ڊڪليئريشن آف ايسٽس آف سول سرونٽس رولز 2023 ۾ اهم ترميمون متعارف ڪرايون آهن۔اهي ترميمون ان کان اڳ 7 آڪٽوبر 2025 تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن 1912(I)/2025 تحت شايع ڪيون ويون هيون، جن کي هاڻي قانون موجب عوامي راءِ کان پوءِ حتمي صورت ڏني وئي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.