ڪراچي(رپورٽر(سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، اطلاعات کاتي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سڀني فلمي ۽ ميڊيا منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ صوبي ۾ جاري ميگا منصوبن ۽ ترقياتي ڪمن جي بروقت ۽ مؤثر طريقي سان تشهير ڪئي وڃي،سينئر وزير اطلاعات کاتي جي پروڊڪشن کي جديد ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ فني معيار بهتر بڻائڻ لاءِ به ضروري قدمن جي هدايت ڪئي آهي۔اطلاعات کاتي جو هڪ اهم اجلاس سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو۔اجلاس ۾ سينئر وزير جاري منصوبن بابت بريفنگ ورتي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڪم کي هدف مطابق تيز ڪيو وڃي.هن چيو ته ميڊيا ذريعي سماج ۾ مثبت پيغام پهچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، هن چيو ته اهڙا جامع منصوبا تيار ڪيا وڃن جيڪي وڏن ترقياتي منصوبن، بُنيادي ڍانچي جي بهتري، ٽرانسپورٽ، صحت، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کي اثرائتي نموني عوام تائين پهچائين۔اجلاس ۾ ڊي جي اطلاعات معز پيرزادو، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر ايڊمن منصور راجپوت، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سارنگ لطيف چانڊيو شرڪت ڪئي۔