جنرل ساحر شمشاد مرزا جون آرمي چيف بڻجڻ لاءِ جنرل عاصم منير خلاف سازشون؟

اسلام آباد (اعزاز سيد/فخر دراني) 2022 ۾ جنرل ساحر شمشاد مرزا آرمي چيف بڻجڻ لاءِ جاکوڙي رهيو هو، اهو 3 اسٽار جنرل هو ۽ پوءِ 4 اسٽار جنرل بڻيو. هاڻي هن الوداعي ملاقاتون ڪري ڇڏيون آهن. جنرل ساحر شمشاد مرزا آرمي چيف لاءِ جنرل باجوا کانپوءِ فوج جو فيوريٽ هو ۽ باجوا ان جو ئي نالو تجويز ڪيو هو. جنرل عاصم منير جو نالو چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي طور ڏنو ويو هو، ڇو ته جنرل ساحر شمشاد مرزا سينارٽي ۾ ٻئي نمبر تي هو. جنرل ساحر شمشاد جو نالو ان لاءِ ڏنو ويو هو ڇو ته جنرل عاصم منير ۽ عمران خان جا لاڳاپا هڪ موقعي تي خراب ٿي چڪا هئا جڏهن جنرل عاصم منير ڊي جي آءِ ايس آءِ هو. جنرل قمر جاويد باجوا عمران خان کي چيو هو ته اوهان خلاف ڪرپشن جون ڳالهيون غور هيٺ آهن، جنرل عاصم منير وٽ وڌيڪ ڄاڻ هئي.  بشريٰ بي بي عمران خان جي ريڊ لائن رهي آهي ۽ ان تي هن چيو ته جنرل عاصم منير کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تان هٽايو وڃي. ان جي ڪري باجوا اهو چاهي پيو ته جنرل عاصم منير آرمي چيف نه بڻجي. پر ن ليگ جو فيصلو مختلف هو.  هڪ موقعي تي  نادرا مان جنرل عاصم منير جي ڊيٽا ليڪ ٿي هئي، ڪير يقين نه ڪري رهيو هو ته آرمي چيف جي فيملي جي ڊيٽا ڪيئن ليڪ ٿي سگهي ٿي؟ بعد ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي هئي. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ۾ انڪوائري جو اعلان ٿيو هو، پارليامينٽ جي هڪ انڪوائري ڪميٽي ٺاهي وئي هئي. ڊيٽا ليڪ جي شروعاتي جاچ ۾ هڪ نالو جنرل ساحر شمشاد جو به هو. ڊيٽا ليڪ ۾ جيڪو نالو هو اهو فيض حميد جو آيو هو، ڊيٽا ليڪ ڪري ڄاڻ سعودي عرب ۾ هڪ شخص رحمت ذريعي ڏني وئي هئي. سعودي ڊفينس اتاشي هڪ ئي شخص سان ملندو هو اهو جنرل ساحر شمشاد آهي جنهن ۾ هڪ بيوروڪريٽ به هوو اطلاعن موجب، اها ڳالهه جنرل عاصم منير کي خبر هئي، جڏهن آرمي چيف نامزد ٿي ويو ته پوءِ جنرل ساحر شمشاد به مڃيو ته هاڻي اوهان اسان جا آرمي چيف آهيو. پوءِ اهو معاملو ختم ڪيو ويو. جنرل عاصم منير به ان ڳالهه کي ختم ڪري ڇڏيو. جنرل ساحر ۽ فيض حميد چڪوال سان واسطو رکن ٿا. فيض حميد استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ ساحر شمشاد جي گهر ۾ رهندو هو. ڊيٽا ليڪ ۾ فيض حميد نه هو. جاچ ۾ نادرا جي ڪجهه ماڻهن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو. ٻي ڳالهه اها به چئي ويندي آهي ته بشريٰ بي بي جو جيڪو پير هو رحمت، جنرل فيض حميد ان کي سعودي عرب ۾ مقرري ڏني هئي، ڊفينس اتاشي کي جيڪا ڄاڻ ڏني هئي اها رحمت ڏني هئي. اڳتي هلي ان جي جاچ ٿي هئي، ٿي سگهي ٿو اها ڳالهه به هجي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 28 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.