ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 16 شگر ملز جي ان لينڊ فريٽ سبسڊي نه ملڻ خلاف درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت فيصلو ڏنو ته منظور ٿيل گرانٽ وقت گذرڻ سان گڏ پاڻمرادو ختم ٿي وئي آهي ۽ عدالت وفاقي حڪومت کي واڌو گرانٽ جاري ڪرڻ جو حڪم نٿي ڏئي سگهي. عدالتي رمارڪس ۾ چيو ويو ته سبسڊي هڪ فائدو آهي، بنيادي حق نه، تنهن ڪري، آئين جي آرٽيڪل 199 تحت ان جي جاري ڪرڻ لاءِ رٽ جاري نٿي ڪري سگهجي. شگر ملن سبسڊي جي معطلي خلاف درخواستون داخل ڪيون هيون، جڏهن ته انهن جو موقف هو ته وفاق کنڊ برآمد ڪرڻ لاءِ سبسڊي جو اعلان ڪيو هو پر ان کي نيب جي انڪوائري جي بنياد تي روڪيو ويو هو.