جماعت اسلامي پاران پنجاب جي بلدياتي قانون خلاف احتجاج جو اعلان

لاهور(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پنجاب ۾ مڪاني نظام جي ڪاري قانون خلاف 7 ڊسمبر تي صوبي ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي  خطاب ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ احتجاج نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ ملڪ گير پرامن مزاحمتي تحريڪ جي باضابطه شروعات جو ٽارگيٽ بڻائيندو.عوام جو وڌيڪ استحصال برداشت نه ڪيو ويندو، حڪمرانن کي قوم جا حق ڏيڻا پوندا. مقامي حڪومتن جي قانون خلاف پنجاب جي سڀني وڏن شهرن ۾ مظاهرا ٿيندا، اهي عدالت ۾ به ويندا.ان موقعي تي نائب امير لياقت بلوچ، سيڪريٽري جنرل امير العظيم، ۽ پوري پنجاب جا ذميوار پڻ موجود ھئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.