لاهور(عوامي آواز رپورٽ)ايف آءِ اي لاهور زون جي ڊائريڪٽر ڪيپٽن (ريٽائرڊ) علي ضياءَ ايئرپورٽن تي ماڻهن کي مبينا طور تي جهاز مان لاهڻ بابت سوشل ميڊيا تي ڦهلندڙ خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته هي سڀ ‘گمراهه ڪندڙ اي آءِ ذريعي تيار ڪيل وڊيوز ۽ غلط معلومات’ تي ٻڌل آهن۔هن زور ڀريو ته ’اھڙو من گهڙت مواد عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي نيت سان پکيڙيو وڃي ٿو،پنهنجي بيان ۾ هن شهرين کي صلاح ڏني ته صرف سرڪاري ايف آءِ اي پليٽ فارمز تان تصديق ٿيل معلومات تي ڀروسو / ڪيو وڃي،‘ياد رهي ته اهڙا اطلاعـ سامهون آيا هئا ته تازو عرصي دوران پاڪستان ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جهڙن وڏن شهرن جي ايئرپورٽن تي اميگريشن عملـي ڪجهه ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ جهاز ۾ چڙهڻ کان روڪيو هو، جيتوڻيڪ انهن جي پاسپورٽن تي ورڪ ويزا لڳل هئا۔ان کان اڳ به وفاقي تحقيقي اداري (ايف آءِ اي) هڪ بيان ۾ چيو هو ته جن مسافرن کي روڪيو ويو، انهن مان ڪجهه کي انساني اسمگلنگ جو شڪار بڻجڻ جي شڪ ۾ روڪيو ويو هو۔