ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ هراساني جو شڪار ٿيندڙ عورتن جي نالي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ”هراساني جو ذميوار لباس يا لپ اسٽڪ ناهي هوندي، اکيون نه ڦيريو، مسئلي کي منهن ڏيو، پنهنجو وقار نه گهٽايو.“
ايشوريا راءِ عورتن جي حفاظت ۽ عوامي هنڌن تي هراساني جهڙي سنگين مسئلي تي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح موقف اختيار ڪيو آهي.
هڪ وڊيو ۾ هن نه رڳو عوامي هنڌن تي ٿيندڙ هراساني خلاف آواز بلند ڪيو پر متاثر عورتن کي پاڻ تي اعتماد رکڻ ۽ الزام کان بچڻ جو پيغام پڻ ڏنو.
هن عورتن کي مخاطب ڪندي چيو ته ”توهان جو لباس يا لپ اسٽڪ ڪڏهن به ذميوار ناهي هوندي، اسٽريٽ هراسمينٽ ۾ ڪڏهن به توهان جي ڪا غلطي هوندي آهي.“
اداڪارا جي وڊيو تيزي سان مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن هن سڌي ريت سوال ڪيو ته ”توهان اسٽريٽ هراساني جو ڪيئن مقابلو ڪيو ٿا؟ “
ايشوريا راءِ پراڻيون ۽ دقيانوسي صلاحون رد ڪندي چيو ته اکيون جُهڪائڻ يا چپ رهڻ بدران مسئلي جو ڄمي مقابلو ڪرڻ گهرجي.
You might also like