اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 28هين آئيني ترميم آئي ته ان کي به ڏسي وٺنداسين.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن 28هين آئيني ترميم ايندي ته ان کي به ڏسي وٺنداسين، حق جي ڳالهه ڪنداسين.
هن چيو ته ملڪ ۾ سياست ختم ڪئي پئي وڃي، جنهن سان پارليامينٽ جي اهميت متاثر ٿي رهي آهي ۽ ان صورتحال سان پاڪستان جو سول نظام غير اثرائتو ٿي ويندو، سياستدان حڪمراني نه پيا ڪن پر استعمال ٿي رهيا آهن.
You might also like