لاهور (ويب ڊيسڪ) فيملي ڪورٽ ۾ عورت جي ڏاج واپسيءَ جي دعويٰ تي انوکي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ڏاج جو سامان عدالت ۾ گهرائي عورت حوالي ڪيو ويو.
فيملي ڪورٽ جي جج رخسانا امين عورت گل زيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عورت پنهنجي وڪيل مجدد باجوا ذريعي ڏاج جي سامان لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو.
عدالت سامان واپسي لاءِ بيلف موڪليو پر سامان خراب هجڻ سبب عورت وصول نه ڪيو، جنهن کانپوءِ عدالت جي هدايت تي نئون سامان آڻي پيش ڪيو ويو ۽ چيڪ ڪري عورت حوالي ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران سامان کولي چيڪ ڪيو ويو ۽ خراب سامان مڙس کي واپس ڪيو ويو.
فيملي ڪورٽ جي جج رخسانا امين هدايت ڪئي ته جيڪو سامان خراب ٿي ويو آهي، ان جي قيمت عورت کي ادا ڪئي وڃي.
واضح رهي ته طلاق کانپوءِ عورت کي ڏاج جو سامان واپس نه ملي رهيو هو، جنهن تي هن عدالت سان رابطو ڪيو هو.
You might also like