ننڊ ڪندي موبائل فون ڀرسان رکڻ جو وڏو نقصان، اها غلطي صفا نه ڪيو!

جڏهن راتيون ڊگهيون ٿينديون آهن ته توهان کي سڪون ۽ مڪمل بحالي جي ضرورت هوندي آهي پر هڪ ننڍڙي شئي توهان جي ننڊ کي متاثر ڪندي آهي، اها آهي موبائل فون!
ننڊ اسان جي جسم جو قدرتي مرمت گاهه آهي، هي اهو ئي وقت آهي، جڏهن دماغ پاڻ کي بحال ڪندو آهي، هارمونز متوازن هوندا آهن ۽ جسم ايندڙ ڏينهن لاءِ توانائي گڏ ڪندو آهي.
پر جڏهن موبائل فون سيراندي پيل هجي، خاص طور چارجنگ تي ته ان مان نڪرندڙ اليڪٽرو ميگنيٽڪ فيلڊز (EMFs) دماغ جي انهن حصن تي اثر وجهندا آهن، جيڪي ميلاٽونن خارج ڪرڻ کي ڪنٽرول ڪندا آهن.
ميلاٽونن اهو هارمون آهي، جيڪو گهري، پرسڪون ۽ بحالي واري ننڊ لاءِ ضروري آهي.
تحقيقون ٻڌائين ٿيو ته (EMFs) مسلسل ويجهو رهڻ نه رڳو ميلاٽونن جي پيداوار گهٽائي سگهي ٿو پر دماغ جي ننڊ جي سائيڪل کي به متاثر ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ صبح جاڳڻ تي ٿڪاوٽ، ذهني بار، موڊ خراب ۽ توانائي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
پر ان مسئلي جو حل تمام آسان آهي.
بس سمهڻ وقت موبائل فون کي ايئر پلين موڊ تي رکو يا پنهنجي جسم، خاص طور مٿي کان مناسب فاصلي تي رکو، اها ننڍي تبديلي توهان جي ننڊ جي معيار کي حيرت انگيز حد تائين بهتر بڻائي سگهي ٿي.
پنهنجي ننڊ جي ماحول کي محفوظ ۽ پرسڪون رکو، ڇو ته سٺي ننڊ ذهني ۽ جسماني صحت جو بنياد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.