ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کان اڳ سريلنڪن ڪپتان کي هٽائڻ جو امڪان

خڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان چيراٿ اسالانڪا کي هوم گرائونڊ تي ٿيندڙ عالمي ڪپ کان رڳو ٻه مهينا اڳ برطرف ڪرڻ جون خبرون زور پڪڙي رهيون آهن.
ڪرڪ انفو موجب، چيف سليڪٽر اُپل ٿرنگا چيو آهي ته ڪپتاني بابت في الحال ڪو حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي، پر هن تصديق ڪئي آهي ته سليڪٽرز تبديلين تي غور ويچار ڪري رهيا آهن.
ٿرنگا چيو ته ٽي ٽوئنٽي ۾ چيراٿ اسالانڪا جي خراب فارم سبب امڪاني طور تي اهو فيصلو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته مئنيجمينٽ دعويٰ ڪئي آهي ته تازو ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ اسالانڪا کي پاڪستان مان واپس موڪلڻ جو سبب صرف بيماري هو.
هڪ سوال جي جواب ۾ ٿرنگا چيو ته سيريز کانپوءِ بهترين آپشنز تي غور ڪرڻو پوندو، عالمي ڪپ مٿان هئڻ سبب اسان وڏيون تبديليون نٿا ڪري سگهون، جڏهن ته سليڪٽرز کي ڪوچ سان ڳالهائڻ کان پوءِ فيصلو ڪرڻو پوندو ته ٽيم لاءِ بهترين ڇا آهي.
هن اشارو ڏنو ته سليڪٽرز پاڪستان جي موجوده دوري کان اڳ ئي قيادت ۾ ڦيرڦار تي غور ڪري رهيا هئا، جنهن ڪري داشن شانڪا، جيڪو اڳ ۾ ٽيم جي قيادت ڪري چڪو آهي، کي ٽه ملڪي سيريز لاءِ نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.