ناڪامي ۽ شرمندگي جو خوف، ڀارتي وفد آڪسفورڊ يونين جي مباحثي تان هٿ کڻي ويو، پاڪستان کي بنا مقابلي فتح

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آڪسفورڊ يونين جي تصديق ٿيل مباحثي تان ڀارتي هٿ کڻي ويو، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي بنا مقابلي فتح حاصل ٿي وئي.
پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن موجب ڀارت پاڪستان خلاف عوامي جذبا ڀڙڪائڻ جي حڪمت عملي تي جوابده ٿيڻ بدران فرار ٿي ويو، آڪسفورڊ يونين جهڙي غير جانبدار فورم تان هٿ کڻڻ ڀارت جي بيانيي کي وائکو ڪري ڇڏيو.
پڌرائيءَ موجب جنرل (ر) زبير محمود حيات، اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر مباحثي ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل به مباحثي لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي.
پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن موجب ڀارتي وفد حاضري جي همت نه ڪري سگهيو، ڀارتي اڳواڻ رڳو ٽي وي چينلن تي گوڙ ڪندا آهن، علمي مباحثي ۾ دليل ۽ جواب ڏيڻ کان گهٻرائيندا آهن، ميڊيا تي پاڪستان مخالف پروپيگنڊا ڪندڙ ڀارتي تجزيي نگار گم ٿي ويا.
پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن چيو ته پاڪستان دليل، مڪالمي ۽ قانوني موقف سان بحث کٽڻ جي تياري ڪئي، ڀارت بحث شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
پڌرائيءَ موجب آڪسفورڊ يونين جهڙي غير جانبدار فورم تي ڀارتي بيانيي جي ڪمزوري بي نقاب ٿي، ڀارتي مقرر امڪاني شرمندگي کان بچڻ لاءِ طئي ٿيل مباحثي تان هٿ کڻي ويا، آڪسفورڊ يونين ۾ ڀارتي وفد جي عدم شرڪت انهن جي پنهنجي عوام سامهون به سواليا نشان بڻجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.