يو اي اي پاڪستانين کي ويزا نه پيو ڏئي: گهرو وزارت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت جي اختيارين سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو آهي يو اي اي پاڪستانين کي ويزا نه پيو ڏئي، رڳو بليو پاسپورٽ ۽ ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ هولڊرز لاءِ ويزا ملي رهي آهي.
اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پاڪستاني پاسپورٽ تي يو اي اي ۽ سعودي عرب ۾ پابندي لڳندي لڳندي بچي آهي، جيڪڏهن پابندي لڳي وئي ته هٽرائڻ ڏکيو آهي.
اختيارين چيو ته پاڙيسري ملڪ اسان جي سسٽم ۾ مداخلت ڪئي ۽ پاسپورٽ ٺهرايا، ان جي به ذميواري هوندي ته ڪرپشن ٿي هوندي، ڪجهه مهينا اڳ سعودي عرب مان وڏي پيماني تي پاڪستاني ڪڍيا ويا، انهن مان ڪيترائي افغان شهري پاڪستاني بڻجي رهندڙ هئا.
گهرو وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته 61 ملڪن ۾ 21 هزار 647 پاڪستاني قيد آهن، اسان 18 کان 20 ڪروڙ پاڪستانين جي ڊيٽا ڊجيٽل طور جمع ڪري ورتي آهي، سمورن شهرين جو رڪارڊ موجود آهي ۽ تصديق فوري طور ٿي ويندي آهي، شهري جي سڃاڻپ جي تصديق کانپوءِ ئي پڇيو ويندو آهي ته ان کي ڪهڙي مدد کپي.
گهرو وزارت جي سيڪريٽري چيو ته ٻاهرئين ملڪ گرفتار پاڪستانين جي اڪثريت معمولي نوعيت جي ڏوهن ۾ ملوث هوندي آهي، اثر گرفتياريون اوور اسٽي، سڃاڻپ فراڊ يا بينڪ فراڊ جون هونديون آهن، قتل، منظم ڏوهن يا دهشتگردي ۾ پاڪستاني شهري نه هجڻ جي برابر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.