هانگ ڪانگ ۾ رهائشي عمارتن کي باهه، 36 ڄڻا سڙي فوت

هانگ ڪانگ (م ڊ) هانگ ڪانگ شهر جي ڪيترن ئي رهائشي عمارتن ۾ لڳل باهه سبب فوتين جو انگ 36 ٿي ويو آهي، جڏهنته 29 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا، واقعي کان پوءِ 100 کان مٿي ماڻهو گم ٿي ويا، باهه تي ڪنٽرول  ڪرڻ لاءِ ِ 700 کان وڌيڪ فائر فائٽرز ڪم ۾ مصروف رهيا، پوليس ويجهي عمارتن مان رهواسين کي محفوظ هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، پرڏيهي خابرو ادارن هانگ ڪانگ جي عملدارن موجب باهه لڳڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 36 ٿي ويو آهي، واقعي کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو گم آهن، باهه جي وڊيوز ۾ عمارتن مان ڌوئين ۽ شعلن جا بادل اڀرندي نظر آيا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اڃان عمارتن ۾ ڦاٿل هجڻ جو خدشو، متاثر ٿيل علائقو وانگ فُڪ ڪورٽ نالي نئين رهائشي ڪمپليڪس آهي، جتي مرمت جو ڪم جاري هو، هن رهائشي اسڪيم ۾ 1984 فليٽس شامل آهن ۽ تقريبن 4000 ماڻهو رهندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.