اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ڀرسان پنجاب جي رحيم يار خان جي ڀُنگ ٿاڻي جي حد ۾ لال چوڪ وٽ دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جتي ڦر جي ڪوشش مزاحمت دوران ڏوهارين جي فائرنگ سبب حنيف ملڪ سخت زخمي ۽ ٻه معصوم ٻارڙا گولين جو کاڄ بڻجي ويا، حنيف ملڪ پنهنجي گهر وارن سان گڏ لال چوڪ جي ويجهو وڃي رهيو هو ته اوچتو موٽرسائيڪل سوار ڏوهارين کين روڪي ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ٿيڻ تي ڏوهارين سڌي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ حنيف ملڪ جا ٻه معصوم ٻارڙا گولين جو کاڄ بڻجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، حنيف ملڪ پاڻ سخت زخمي ٿي پيو، فائرنگ کان پوءِ ڏوهاري آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اطلاع تي ڀُنگ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي پي ۽ مقتول پٽن جا لاش تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال صادق آباد پھچايا جتي ضروري ڪاروائي بعد معصوم ٻارڙن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يارخان اسپتال ريفر ڪيو ويو، ٻن معصوم ٻارن جي المناڪ موت تي علائقي ۾ سوڳ ۽ ڏک جي لهر پکڙجي وئي، وارثن انصاف لاءِ روئيندي مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي فوري طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ھوڏانھن ڀنگ واري علائقي ۾ ڏوهارين جي ڳولا لاءِ رستا سيل ڪري سرچ آپريشن پڻ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايس ايڇ او ڀنگ چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.