سرڪاري ادارن ۾ ”ايڪسٽينشن پاليسي“ معاشي تباهي جو وڏو سبب؟

اسلام آباد(امتياز گل) دنيا ۾ جمهوريتون ڪمزور ٿي رهيون آهن، انساني حق خطري ۾ آهن، قانون جي حڪمراني  تي عمل گهٽجي رهيو آهي. خاص طور تي ننڍا ملڪ وڏن عالمي ڪارٽيلز ۽ انهن جي مقامي سهولتڪارن جي نشاني تي آهن، جيڪي ”اشرافيه“ سڏجن ٿا.” آءِ ايم ايف جي رپورٽ ته گهڻن پڙهي به ناهي، پر ان جا ڪجهه اهم حصا هاڻي سامهون اچي رهيا آهن. سنگل ٽريجري اڪائونٽ (جيڪو آءِ ايم ايف جو وڏو مطالبو آهي)يعني حڪومت جا سڀ پيسا هڪ ئي اڪائونٽ ۾ اچڻ گھرجن.ان جو مقصد ٽيڪس ڏيندڙن جو پيسو غلط استعمال ٿيڻ کان بچائڻ آهي.رپورٽ ۾ بار بار چيو ويو آهي ته ترقياتي فنڊز بنا حساب ڪتاب جي استعمال ٿين ٿا—چاهي اهي قومي اسيمبلي جا ميمبر هجن، صوبائي اسيمبلي جا يا سينيٽر.،رپورٽ ۾ ايس آءِ ايف سي  جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، ۽ توانائي شعبي بابت سڌو سنئون چارچ شيٽ ڏني وئي آهي،آءِ ايم ايف سوال ڪيو آهي ته ڇا ملازمت مدي ۾ واڌ صرف هڪ طاقتور شخصيت لاءِ آهي؟ ڇا هي مسئلو ٻين عهديدارن ۾ به آهي؟ڇا سڄي سرڪاري مشينري ۾ ئي اها بيماري پکيڙيل آهي؟ڪيترن ادارن ۾ ماڻهو 10-15 سال تائين پنهنجي عهدن تي ويٺل آهن، ۽ کين "هٽائڻ” ڪنهن جي وس ۾ ناهي.سنڌ ۾ مثال طورايڪسائز وارو وزير ٻڌايو ويو آهي، جيڪو 15 سال کان هڪ ئي عهدو سنڀالي رهيو آهي،عالمي اداري موجب ايس آءِ ايف سي ۾ شفافيت گهٽ آهي،احتساب نظر نٿو اچي نيپرا  جا ميمبر ڪروڙين جا پگهار وٺن ٿا،هڪ ميٽنگ جو 1-2 لک رپيا وٺن ٿاگهڻا ميرٽ تي مقرر نٿا ٿين،ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ به پوسٽون سنڀاليندا رهن ٿا۽ نتيجو اهو نڪري ٿو ته بجلي، گئس ۽ تيل جون قيمتون عام ماڻهن لاءِ ناقابلِ برداشت ٿين ٿيون.2024 ۾ سرڪاري ادارن 13 هزار ارب ڪمايا پر پوءِ به نقصان ۾ ڇو؟اهو به چيو ويو آهي اسٽيل مل،ريلوي،پي آءِ اي،اين ٽي ڊي سي ۽ جهڙا ادارا اربين ڪمائن ٿا پر حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب هر سال نقصان ڏيکارين ٿا،آءِ ايم ايف سفارش ڪئي آهي ته خفيه فنڊز ختم ڪريو،ترقياتي فنڊز تي سخت پابندي لڳائي،ريگوليٽري ادارن کي سياسي اثر کان آزاد ڪريوتوانائي جا اگهه حقيقي سطح تي مقرر ڪريو،بجلي ۽ گئس چورن کي سزا ڏيوچاهي ڪو به مضبوط ماڻهو ڇو نه هجي،پاور سيڪٽر جي بدانتظامي ختم ڪئي وڃي، جڏهن ته اسان رڳو هڪ طاقتور شخصيت جي ايڪسٽينشن تي بحث ڪندا آهيون،پر حقيقت ۾ پاڪستان ۾بيشمار”ايڪسٽنشن هولڊر“موجود آهن،جيڪي ادارن کي ڏيوالو ڪرڻ تائين پهچائي رهيا آهن.ملڪ جي معيشت ”آخري ساهه“ کڻي رهي آهي۽ آءِ ايم ايف  جي رپورٽ ان جو ثبوت آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 27 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.