غوثپور ويجهو ايس ايڇ او جو پٽ ۽ معصوم پوٽو بيدردي سان قتل

ڪنڌڪوٽ/ غوثپور(رپورٽ: عرفان  کوسو/ممتاز سنڌي+ عبدالجبار اوڳاهي) غوثپور ويجهو جمال لنڪ روڊ تي ڳوٺ عبدالحق پنهورکان نينگر کي اسڪول طرف ڇڏڻ لاءِ ويندڙ نوجوان  گل حسن ۽ نينگر 8 سالن جو مزمل گولين جو کاڄ بڻجي ويا، ايس ايڇ او بخشاپور ۽ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ محمد مراد گھانگھرو جي خاص ٽيم ۾ شامل سڪندر علي پنهور جو 23  سالن جو نوجوان پٽ گل حسن پنهور ۽ پوٽو 8 سالن جو مزمل پنهور غوثپور جمال لنڪ روڊ تي ھٿياربندن جي نشاني تي اچي ويا، نوجوان گل حسن پنهور موٽرسائيڪل تي نينگر کي کڻي اسڪول ڇڏڻ لاءِ نڪتو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ھٿياربندن ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او بخشاپور سڪندر پنهور جو نوجوان ٽيون نمبر پٽ گل حسن پنهور ۽ معصوم نينگر مزمل پنهور قتل ٿي ويا، اھڙي واقعي بعد وڏي انگ ۾ آس پاس جا ڳوٺاڻا پھچي ويا ۽ نينگر جا وارث پھچي نينگر ۽ نوجوان جو مڙھ گھر منتقل ڪيو جتي ٻنھي جا مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ماحول سوڳوار بڻيل رھي، مختلف سياسي سماجي مذھبي تنظيمن جا اڳواڻ شھري توڙي  ٻهراڙي جي علائقن جا معزز ماڻهو وڏي انگ ۾ پوليس اھلڪار ۽ عملدار صحافي برادري نينگر مزمل ۽ نوجوان گل حسن پنهور جي تڏي تي پھتا،ٻنھي ڄڻن جي جنازا نماز ڳوٺ عبدالحق پنهور ۾ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي شڪارپور ۽ رينجرز جي ونگ ڪمانڊر سميت مختلف سياسي سماجي مذھبي تنظيمن جا اڳواڻ شھري علاقي جا معززين وڏي انگ ۾ پوليس اھلڪار ۽ عملدار صحافي برادري وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، جنازي نماز ادا ٿيڻ بعد نينگر ۽ نوجوان کي ڳوٺ عبدالحق پنهور ۾ اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، نوجوان ۽ نينگر جي قتل واقعي بعد ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جو ڏوھارين جي ٽريسنگ ڪندي رھي ۽ پوري ضلعي اندر چيڪنگ سخت ڪئي وئي، پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪندي رهي، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لوھي پل وٽ ون فائيو انچارج خليل لغاري ۽ سندس ٽيم جو مبينا ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو ان دوران پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ سخت فارنگ جو سلسلو جاري رھيو ۽ مبينا ڏوھارين جون گوليون ختم ٿيڻ بعد ھنن پنھنجو پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس ۽ ڏوھارين جي دوبدو مقابلي کي علاقي واسين ڏٺو ۽ پوليس جي بھادري کي ساراھيو، پوليس 3 مبينا ڏوھارين کي گرفتار ڪيو، ذريعن مان ڄاڻ ملي ته ھي 3 ڏوھاري غوثپور ۾ ايس ايڇ او بخشاپور سڪندر علي پنهور جي نوجوان پٽ ۽ پوٽي کي شھيد ڪرڻ بعد ڪنڌڪوٽ جي علاقي لوھي پل وٽ وڃي رھيا هئا جيڪي ڏوھاري ساٿين وٽ پناھ وٺڻ لاءِ وڃن پيا جن کي پوليس ٽريس ڪندي گرفتار ڪري ورتو.

  1. ظالمن مون سان وڙهڻ بدران ٻچڙن کي شهيد ڪيو

ڪنڌڪوٽ:واقعي بابت ايس ايڇ او بخشاپور سڪندر پنهور جو چوڻ ھو ته منھنجو پٽ گل حسن پنهور معمول موجب منھنجي پوٽي نينگر مزمل پنهور کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ ويندو ھو، ھي واقعو ان ٽائيم پيش آيو جنھن ٽائيم نوجوان پٽ گل حسن نينگر مزمل کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ وڃي رھيو ھو، واقعي بعد جاچ ورتي ته 2  موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري پٽ گل حسن پنهور ۽ پوٽي معصوم مزمل پنهور کي شهيد ڪري ويا، هن چيو ته ضلعي ۾ وڏي پئماني تي بدامني هئي، ڏينھن رات ضلعي ۾ امن و امان جي بحالي لاءِ پنھنجي ڊيوٽي فرض شناسي سان ادا ڪئي جنھن ڪري ئي ڏوھارين منھنجي نوجوان پٽ گل حسن ۽ پوٽي نينگر کي شھيد ڪيو آھي، ڏوھارين سان وڙھندي پوليس جوان شھيد ٿيندا آھن پر ظالم ڏوھارين مون سان وڙھڻ بدران منھنجي ٻچڙن کي شھيد ڪيو آھي، اسان جي ھي قرباني رائيگان نه ويندي ڏوھارين جو خاتمو يقيني بڻجندو.

  1. مزمل پنهور جي قتل تي سندس ساٿي شاگرد روئيندا رهيا، ڏک وارو ماحول

ڪنڌڪوٽ:شھيد ٿيندڙ نينگر مزمل پنهور غوثپور شھر جي حرا اسڪول ۾ ڪيجي ڪلاس ۾ پڙھندو ھو،نينگر جي شھيد ٿي وڃڻ بعد اسڪول ۾ تعليمي سرگرمي معطل ڪئي وئي ۽ اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگرد نينگر جي شھيد ٿيڻ بعد اسڪولي ٻارڙا روئيندا رھيا، ماحول ڏکارو بڻجي ويو.

  1. معصوم نينگر ۽ نوجوان جي قتل تي سوشل ميڊيا تي شديد مذمت

ڪنڌڪوٽ:نينگر ۽ نوجوان ڏوھارين ھٿان گولين جو کاڄ بڻجڻ بعد سوشل ميڊيا تي ڏوھارين جي اھڙي بزدل وار تي ماڻھن ننديو ۽ شديد مذمت ڪئي، سوشل ميڊيا تي ماڻھن ويچار ونڊيا ته  ايس ايڇ او بخشاپور سڪندر پنهور مسلسل ڏوھارين سان بھادري سان مقابلو ڪيو جنھن ڪري ان کي ضلعي ۾ امن و امان بحال ڪرائڻ خاطر وڏي قرباني ڏيڻي پئي پر ضلعي جو عوام پنھنجي بھادر پوليس عملدار سڪندر علي پنهور سان گڏ آھي.

  1. واقعي ۾ بهلڪاڻي گينگ جا ڏوهاري ملوث آهن: ذريعا

ڪنڌڪوٽ:مختلف ذريعن ۽ مختلف هنڌن تان اھڙيو ڳالھيون گردش ۾ آھن ته ايس ايڇ اوسڪندر پنهور جي نوجوان پٽ ۽ پوٽي کي بھلڪاڻي گينگ جي ڏوھارين قتل ڪيو آھي پر پوليس باظابطا طور واقعي ۾ ملوث ڪنھن به ڏوھاري گينگ جو نالو ظاھر ناھي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.