اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)دنيا نيوز جي اينڪر ڪامران شاهد چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن عوام جو مسئلو ناهي،مان اهو نٿو چوان ته اسان جي عوام ڪرپٽ آهي،هن ملڪ ۾ ڪرپشن تي سزايافته ماڻهو وري ووٽ وٺي اسيمبلين ۾ پهچي وڃن ٿا،جنهن تي سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو ته جڏهن آءِ ايم ايف چئي ٿي ته خراب حڪمراني جي ڪري غريب کي غريب رکيو پيو وڇي ته توهان چئو ٿا ته اهو عوام جو مسئلو ئي ناهي،هو چئي رهيا آهن ته گروٿ ريٽ 6.4 سيڪڙو هئڻ گهرجي ۽ توهان جي شرح 1.62 سيڪڙو آهي ته توهان چئي رهيا آهيو ته اهو عوام جو مسئلو ئي ناهي،هن چيو ته عوام جو سڌو سنئون تعلق آهي،خراب حڪمراني جي ڪري معاشي سرگرمي ئي پيدا نه ٿي رهي آهي،