جيڪب آباد ( ڊر ) ڳوٺ صدرالدين نندواڻي ۾ ايس ايڇ او مقصود سنجراڻي جي ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ٻھ معصوم سوٽ نينگريون نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويون ڳوٺ صدرالدين ننڍواڻي ۾ 4 ڏينھن اڳ ايس ايڇ او مقصود سنجراڻي جي ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ٻھ معصوم نينگريون 7 ورھين جي ستابي نندواڻي ۽ 8 ورھين جي مومل نندواڻي سکر جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي ويون ٻنھي نيگرين جا مڙھ اباڻي ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ ڇائجي ويو نينگرين جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو ٻنھي نيگرين جي فوت ٿيڻ بعد ايس ايڇ او مقصود سنجراڻي ڊي ايس پي ٺل غلام مصطفي ابڙو , ايس ايڇ او ٺل محمد ايوب ڊوگر جي اڳواڻي ۾ نينگرين جي وارثن ڏي ميڙ منٿ قافلو آندو جتي نيگرين جي وارثن تدفين بعد مٽن مائٽن سان صلاح مشوري بعد ورندي ڏينداسين جو چيو آھي جنھن بعد ميڙ منٿ قافلو واپس روانو ٿي ويو.