مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊيو چيو آھي ته ڪارونجھر وڪرو ڪيائون،عدالت وڪرو رَد ڪيو تہ ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪيائون، سپريم ڪورٽ مان سندن خواھش موجب ڪم نہ ٿي سگھيو تہ پوءِ وري آئين ۾ ترميمن ذريعي ڌار جوڙيل سندن عدالت ميدان ۾ اچي وئي ۽ تُرت ئي ان نئين جوڙيل سندن عدالت ۾ پنھنجو ڪيس لڳرايائون، مذمتون وصول ڪرڻ کانپوءِ وري مڪر بہ ڪن پيا تہ ڪارونجھر بچائينداسين،اھڙو شاندار ڪم جمھوريت جا علمبردار ڪن پيا،