عوامي آواز طرفان ” سنڌ جو نعرو ڪرپشن کان ڇوٽڪارو“ جي عنوان سان ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جو نعرو ڪرپشن کان ڇوٽڪارو، عوامي آواز ميڊيا گروپ هر سال جيان هن سال به 7 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو  جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيو آهي، عوامي آواز هميشه سنڌ جي غريب عوام ۽ پيڙهيل طبقن جي نمائندگي ڪندي سندن آواز بڻجڻ جي هڪ مثالي روايت قائم ڪئي آهي، بدقسمتي سان سنڌ هن وقت ڪرپشن  جي وڌندڙ رجحان، خراب حڪمراني ۽ بدانتظاميه سبب شديد مسئلن جو شڪار آهي،جنهن جي نتيجي ۾ عوام انصاف، صحت، تعليم ۽ روزگار جهڙن بنيادي حقن به محروم ٿيندو پيو وڃي، اڄ سنڌ جي بقا، ترقي ۽ عوامي مفاد انهي ۾ آهن ته شعبن کي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو وڃي، نظام کي شفاف بڻايو وڃي ۽ عوام کي اهي حق ڏنا وڃن جن جا هو حقدار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.