هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ جي هڪ گهڻ ماڙ رهائشي ڪامپليڪس ۾ باهه لڳڻ سبب 13 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، هانگ ڪانگ جي اترين علائقي ۾ گهڻ ماڙ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳي وئي.
فائر ڊپارٽمينٽ طرفان باهه کي چوٿين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کي ڪيئي ڪلاڪن کان وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن.
رپورٽن موجب، باهه لڳڻ سبب 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، فوتين هڪ فائر فائٽر پڻ شامل آهي، جڏهن ته باهه وسائڻ دوران ڪجهه فائرفائيٽر زخمي به ٿيا آهن.
پوليس موجب، ڪيترائي ماڻهو اڃا به عمارت اندر ڦاٿل آهن، جن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش جاري آهي، ان کانسواءِ اٽڪل 700 ماڻهن کي عارضي پناهگاهن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، رهائشي ڪمليڪس 8 بلاڪن تي ٻڌل آهي، هر عمارت 31 ماڙ آهي، جتي مجموعي طور لڳ ڀڳ 2 هزار اپارٽمنٽس ۽ اٽڪل 5 هزار ماڻهو رهندڙ آهن.
You might also like