گوهاٽي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽيمبا باووما ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.
اربع ڏينهن ڏکڻ آفريڪا گوهاٽي ٽيسٽ ۾ ڀارت کي 408 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ٻن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
ڏکڻ آفريڪا ڀارت کي ٻي اننگز ۾ 549 رنسن جو هدف ڏنو، پر ڀارتي ٽيم رڳو 140 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا 25 سالن کانپوءِ ڀارتي زمين تي ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي.
ان ڪاميابي سان گڏ ئي ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽيمبا باووما ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪا به ميچ هارائڻ کانسواءِ سڀ کان وڌيڪ ميچون کٽيندڙ ڪپتان بڻجي ويو.
باووما ڪپتاني دوران 12 ميچن مان 11 ميچون کٽيون، جڏهن ته هڪ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي، باووما جي قيادت هيٺ اڃا تائين ڪابه ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست نه ڏئي سگهي آهي.
ان کان اڳ هي اعزاز انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائڪ بريري وٽ هو، جنهن ڪپتان طور 15 ٽيسٽ ميچن ۾ بنا ڪنهن شڪست جي 10 ميچون کٽيون هيون.
واضح رهي ته ٽيمبا باووما جي قيادت هيٺ ڏکڻ آفريڪا هن سال جون ۾ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ پنهنجي نالي ڪئي هئي ۽ سندس ڪاميابين جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
You might also like