لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو روئڻ ڪم نه ايندو، جيلن ۾ وجهڻ جي روايت توهان ئي قائم ڪئي هئي.
لاهور ۾ هڪ تقريب دوران نون چونڊجي آيل اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ پنجاب ۾ تازين ضمني چونڊن دوران وڏي منافقت ڪئي ته جيڪڏهن هارايوسين ته چونداسين ته بائيڪاٽ ڪيو ۽ جيڪڏهن کٽي وياسين ته چونداسين بائيڪاٽ جي باوجود به کٽي وياسين.
مريم نواز چيو ته اسان تي موروثي سياست جو الزام لڳائيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا پنهنجا مٽ مائيٽ به چونڊن ۾ حصو وٺندا رهيا. پي ٽي آءِ جي بيانئي سان هاڻي ماڻهو بيوقوف نه بڻجندا ۽ ماڻهو سمجهي ويا آهن، تنهنڪري هاڻي پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ به ماڻهو ناهن ايندا.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جا چار سال تاريخ جا بدترين سال آهن جيڪي هميشه ياد رهندا، سندن چور ۽ لٽيرن وارو بيانيو ڪيستائين هلي ها؟ چئن ورهين دوران سياست کي داغدار ڪيو ويو، سياست کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي چار سالا حڪومت دوران مخالفن کي جيلن ۾ وڌو ويو. ڪجهه سال اڳ جيڪو توهان ڪيو ۽ روايت قائم ڪئي، جيڪڏهن اڄ توهان ان جو پٽڻو پٽائيندا ته ڪو به نه ٻڌندو.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته بدتميزي، گار گند، عورتن خلاف گٿن لفظن جو استعمال پي ٽي آءِ جي سڃاڻپ رهيو آهي، پر تازين چونڊن ۾ انهن جي سياست ختم ٿي وئي.
هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي سياست کي ختم ڪرڻ وارا پاڻ ختم ٿي ويا، سازش ڪندڙ پاڻ تاريخ جي ڪتاب ۾ بند ٿي ويا، اسان وراثت ۾ بدتميزي ڪرڻ ۽ گار گند ڏيڻ ناهي سکيو، پر عوام جي خدمت ڪرڻ سکيا آهيون.
You might also like