گوهاٽي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر ايڊن مارڪرم هڪ ٽيسٽ ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اربع ڏينهن ڏکڻ آفريڪا گوهاٽي ٽيسٽ ۾ ڀارت کي 408 رنس جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
ڀارت کي ٻي اننگز ۾ 549 رنس جو ٽارگيٽ مليو، پر پوري ٽيم رڳو 140 رنس تي ڍير ٿي وئي.
ڏکڻ آفريڪا جي فتح ۾ فيلڊرن انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن ۾ ايڊن مارڪرم نمايان رهيو.
ايڊن مارڪرم گوهاٽي ٽيسٽ ۾ وڪٽ ڪيپر کانسواءِ ڪنهن به فليڊر طرفان هڪ ٽيسٽ ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچ پڪڙڻ نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.
ميچ جي پنجين ڏينهن مارڪرم سائمن هارمر جي بال تي ڀارتي بيٽر واشنگٽن سُندر جو ڪيچ پڪڙي ميچ ۾ پنهنجو نائون ڪيچ مڪمل ڪيو، جنهن بعد هو هڪ ٽيسٽ ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچ ڪندڙ فليڊر بڻجي ويو.
ان کان اڳ ٽيسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز (وڪيٽ ڪيپر کانسواءِ) جو عالمي رڪارڊ ڀارت جي اجنڪيا رهاڻي وٽ هو، جن 2017 ۾ سريلنڪا جي خلاف گال ٽيسٽ ۾ 8 ڪيچ ڪيا هئا.
You might also like