عمران خان اڪيلو ڏوهاري ناهي، کيس متعارف ڪرائيندڙ ان کان به وڏا ڏوهاري آهن، سڀني جو حساب ٿيڻ گهرجي: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان اڪيلو ڏوهاري ناهي، کيس آڻيندڙ هن کان به وڏا ڏوهاري آهن.
نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان اڪيلو ڏوهاري نه آهي، کيس آڻيندڙ هن کان به وڏا ڏوهاري آهن، سڀني جو برابر حساب ٿيڻ گهرجي.
نواز شريف وڌيڪ چيو ته موجودا حڪومت طرفان جوڳا قدم قدم کڻڻ سبب مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسان پنهنجي گذريل دور ۾ آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هو، پر هنن(پي ٽي آءِ) جي حڪومتي دور ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف جو ٻوجهه اسان جي مٿان وڌو ويو.
سندس چوڻ هو ته اڄ هڪ ڀيرو وري ن ليگ جي حڪومت جي درست رخ ۽ بهترين معاشي پاليسي سبب ملڪ ترقي جي راهه تي آهي، غريب کي مفت طبي سهولتون ملي رهيون آهن، اجهو ملي رهيو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ملڪ ۾ وڏي تباهي آئي، معيشت، امن امان، اخلاقيات، ملڪ ۽ قوم جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو. هاڻي ننڍي چونڊن ۾ ماڻهن ڪارڪردگي تي ووٽ ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.