گوهاٽي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا گوهاٽي ٽيسٽ ۾ ڀارت کي 408 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ مهمان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي پهرين اننگز ۾ 489 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ڀارتي ٽيم 201 رنس ٺاهي سگهي.
ڏکڻ آفريڪا پنهنجي ٻي اننگز 288 رنس جي سرسي سان شروع ڪئي ۽ 5 وڪيٽون وڃائڻ بعد 260 رنس تي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي.
ڀارتي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 140 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي، اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا ٻي ٽيسٽ ميچ 408 رنس جي مارجن سان کٽي، ٻن ميچن تي سيريز ۾ ميزبانن کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته ان کان اڳ سال 2000 ۾ ڏکڻ آفريڪا ڀارت کي ڪلين سوئيپ ڪيو هو ۽ 25 سالن بعد ٻيهر ٻنهي ميچن ۾ ڀارت کي شڪست ڏني آهي.
ان کان اڳ ايڊن گارڊ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا 30 رنسن تان ڪاميابي ماڻي هئي.
گوهاٽي ٽيسٽ ۾ آل رائونڊر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مارڪو ينيسن کي پليئر آف دي ميچ ۽ سيمون هارمر کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 30 نومبر کان شروع ٿيندي.
You might also like