پنجاب به اسٽيبلشمينٽ مخالف ٿي ويو آهي\صفدر عباسي

ڪراچي (رپورٽر ) جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ لنڊن ۾ جيڪو ميثاق جمهوريت جو معاهدو ڪيو هو، ان جو اهم نقطو فوج کي سياست مان پري رکڻ هو ۽ ملڪ هاڻي آئين کي چوٿون دفعو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن نواز ليگ ۽ پي پي پي سميت ٻيون سياسي پارٽيون ملوث آهن، هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان هڪ غير رسمي گفتگو ڪندي ڪئي، هن چيو ته 73 جو آئين ملڪ جو متفقه آئين آهي ،جنهن کي جنرل ضياءُ ۽ جنرل مشرف ٽي دفعا ٽوڙيو ۽ هاڻي پارليامينٽ جي سهڪار سان چوٿون دفعو ٽوڙيو ويو آهي. ،ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته پارليامينٽ کي آئين جي بالادستي لاءِ استعيفا ڏيڻ گهرجي، ٻن صوبن جي حالت خراب آهي، سنڌ جي به اها صورتحال ٿي سگهي ٿي، پنجاب به اسٽيبلشمينٽ خلاف ٿي ويو آهي، ناهيد عباسي چيو ته عمران خان سان زيادتي ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ 78 سالن ۾ اڪثر سڌي ۽ اڻ سڌي طرح فوجي راڄ رهيو آهي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنگ هارايل فوج جي عزت بحال ڪرائي، 90 هزار قيدي فوجين کي آزاد ڪرايو ۽ ان ئي کيس ڦاسي ڏني ۽ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، ملڪ ۾ ڪڏهن به سولين کي حڪومت ڪرڻ نه ڏني وئي آهي، هاڻي ته آئي ايم ايف موجوده حڪومت جا راز کولي ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.