مخالفن ذاتي دشمني تي زهر ڏئي 5 قيمتي ڪُڪڙ ماري ڇڏيا

اوڪاڙا (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي اوڪاڙا جي علائقي حجرا شاهه مقيم ۾ ذاتي دشمني تي هڪ شخص زهر ڏئي 5 قيمتي ڪُڪڙ ماري ڇڏيا.
ڊي پي او اوڪاڙا معاملي جو نوٽيس ورتو، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
داخل ايف آءِ آر موجب لکين رپيا ماليت جي ڪڪڙن کي زهر ڏئي ماريو ويو، فريادي دانهيو ته مخالفن منهنجي چوپائي مال کي مارڻ جون به ڌمڪيون ڏنيون آهن.
ايف آءِ آر ۾ فريادي چيو ته مخالف ڪڪڙن کي مارڻ کانپوءِ مون کي به موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.