گهوٽ جي بيوفائي يا ٻيو ڪجهه؟ سمرتي منڌنا جي شادي ملتوي ٿيڻ بابت وڏي خبر اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽر سمرتي منڌنا ۽ ميوزڪ ڪمپوزر پلاش موچل جي شادي اوچتو ملتوي ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي افواهه زور پڪڙي رهيا آهن، جڏهن ته فلمي نقاد ڪمال آر خان عرف ” ڪي آر ڪي“ شادي ملتوي ٿيڻ بابت هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري نئون تڪرار کڙو ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، سمرتي منڌنا ۽ پلاش موچل جي شادي 23 نومبر تي مهاراشٽر جي شهر سانگلي ۾ رٿيل هئي، پر ڀارتي ڪرڪيٽر جي پيءُ جي بيماري ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ سبب شادي اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪئي وئي، جوڙي طرفان اهڙي قسم فيصلي مداحن ۽ ميڊيا کي حيران ڪري ڇڏيو.
پر دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته سمرتي منڌنا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان پنهنجي شادي واريون تازيون تصويرون ۽ وڊيوز هٽائي ڇڏيون آهن، جڏهن ته پراڻيون پوسٽون اڃا موجود آهن.
رپورٽن موجب، شادي کان اڳ مهندي ۽ سنگيت جهڙيون روايتي تقريبون پڻ ٿيون هيون، جن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون، پر هاڻي اِهو سمورو مواد به هٽايو ويو آهي.
ٻئي پاسي فلمي نقاد ڪمال آر خان عرف ڪي آر ڪي ايڪس تي دعويٰ ڪئي ته شادي جي رسمن دوران سمرتي منڌنا پلاش موچل کي هڪ ڪوريئوگرافر ڇوڪريءَ سان ” اعتراض جوڳي حالت “ ۾ ڏٺو، جنهن کانپوءِ معاملا بگڙي ويا ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
ڪي آر ڪي الزام لڳائيندي چيو ته پلاش موچل اصل ۾ نالي ۽ شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪرڪيٽر سان شادي ڪرڻ چاهي پيو.
هوڏانهن شادي کان اڳ عليحدگي اختيار ڪندڙ جوڙي سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تان هڪٻئي اَن فالو ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.