ختل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سيڪيورٽي خدشن سبب پنهنجو ڀارت جو دورو رد ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي راڄڌاني واري نئين دهلي ۾ ٿيل بم ڌماڪن کانپوءِ نيتن ياهو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ڀارت جو دورو ملتوي ڪيو.
رپورٽ موجب، اسرائيلي وزيراعظم هلندڙ سال جي آخر ۾ ڀارت جو دورو ڪرڻو هو، جنهن دوران سندس ڀارتي هم منصب نريندر مودي سميت ٻي قيادت سان ملاقاتون رٿيل هيون.
واضح رهي ته ان کان اڳ به نيتن ياهو سيپٽمبر ۾ هڪ ڏينهن وارو ڀارت جو دورو به رد ڪري ڇڏيو هو، اسرائيلي وزيراعظم آخري ڀيرو سال 2018ع ۾ ڀارت جي دوري تي آيو هو.
You might also like