ٿي سگهي سڀاڻي سنڌ به هندستان جو حصو ٿئي: راج ناٿ سنگهه

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه دعويٰ ڪئي آهي ته توڙي جو اڄ سنڌ ڀارت جو حصو ناهي پر اهو خطو تهذيبي ۽ ثقافتي طور تي ڀارت سان گهرو تعلق رکي ٿو ۽ هڪ ڏينهن ٻيهر ڀارت ۾ واپس اچي سگهي ٿو. هڪ تقريبکي خطاب ڪندي راج ناٿ سنگهه چيو ته شايد سنڌو درياهه جي ڪناري آباد سنڌ 1947 جي ورهاڱي وقت پاڪستان جو حصو بڻيو، جنهن کانپوءِ وڏي انگ ۾ سنڌي هندو ڀارت هجرت تي مجبور ٿيا، سنڌ جو خطو جاگرافيائي طور گجرات ۽ راجسٿان جي ڀرسان هجڻ سان گڏ ثقافتي طور به ڀارت سان جڙيل آهي. هن اڳوڻي ڀارتي نائب وزيراعظم ايل ڪي آڏواڻي جو حوالو ڏيندي چيو ته ان جي نسل جا سنڌي هندو اڄ تائين سنڌ جي عليحدگي کي دل سان قبول ناهن ڪري سگهيا، ڇو ته انهن جي نظر ۾ سنڌو درياهه انهن جي تهذيبي سڃاڻپ جو حصو آهي، نه صرف سنڌ ۾، پر سڄي انڊيا ۾ هندو، سنڌو ندي کي پاڪ سمجهندا هئا. سنڌ جا ڪيترائي مسلمان پڻ اهو مڃيندا هئا ته سنڌو ندي جو پاڻي مقدس آهي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي سنڌ بابت ڏنل بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته راج ناٿ سنگهه جو سنڌ ٻيهر ڀارت جو حصو بڻجڻ بابت شرپسند بيان امن لاءِ خطرو آهي. بيان موجب ڀارتي بچاءَ واري وزير جا وهم گمان تي ٻڌل ۽ خطرناڪ حد تائين تاريخ کي چٿيندڙ بيان هندوتوا ذهنيت کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪا مستحڪم حقيقت کي چيلينج ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ عالمي قانون، تسليم ٿيل سرحدن جي حرمت ۽ رياستن جي خود مختياري جي کليل ڀڃڪڙي آهي. پرڏيهي کاتي چيو ته اسان راج ناٿ سنگهه ۽ ٻين ڀارتي اڳواڻن تي زور ڏيون ٿا ته اهڙن شرپسند بيانن کان پاسو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.