ايڊيشنل آءِ جي تي وياج وٺڻ جو الزام،عدالت رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾پوليس جي ناڻي کاتي جي ايڊيشنل آءِ جي مظفر شيخ خلاف وياج جا ناجائز پيسه وٺڻ ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواست گذارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ وڌيڪ ايف آر داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت آءِ جي سنڌ کي ايڊيشنل آءِ جي مظفر شيخ خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ 8 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، درخواستگذار محمد سليم شيخ ۽ پرويز علي مهر پاران درخواست داخل ڪرائي وئي، درخواست ۾ سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ، ايس ايس پي ڪورنگي، ايس ايس پي ايسٽ ۽ ناڻي واري ايڊيشنل آءِ جي مظفر شيخ کي ڌر بڻايو ويو، موقف اختيار ڪيو ويو ته مظفر شيخ ساڍا ڇهه ڪروڙ وياج تي ڏنا هئا جنهن هر مهيني اڍائي ڪروڙ وياج وٺندو هو، مظفر شيخ هن مهل تائين بينڪ ذريعي 34 ڪروڙ وصول ڪري چڪو آهي، چيڪن جو غلط استعمال ڪندي مختلف ٿاڻن تي چيڪ بائونس جا ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهي، الهه تلهه وڪرو ڪري مظفر شيخ کي پيسه وياج سميت واپس ڪري چڪا آهيون، هيئنر زهر کائڻ جا به پئسا ناهن ،اسان جي جان خطرو آهي، ڪوڙن ڪيس ۾ کڻي ماريو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.